ٽُٻائون حوض

ٽُٻائون حوض (Dip ):مخصوص ڪيميائي دوا جيڪا پاڻيءَ ۾ ڏسيل مقدار مطابق ڳاري ويندي آهي. اِهو پاڻي پوءِ جانورن (خاص طور رڍن) کي ٽٻڪائڻ واري حوض (Dipping Bath) ۾ ٽٻڪائڻ (Dipping) لاءِ نايو ويندو آهي هنن ٽٻڪائڻ وارين دوائن ۾ ڊاءِ ايلڊرين (Dieldrin) مليل دوائون سنکيي ۽ گندڪي دوائن کان گهڻو مفيد آهن ڇاڪاڻ ته اهي پشم سان چهٽيل رهن ٿيون ۽ رڍڻ ۾ لڳل گَر (Strike) هٽايو ڇڏين. البت ڊاءِ ايلڊرين دوا نهايت زهريلي هئڻ سبب ممڪن آهي ته گوشت کي روڳي، سو انهي دوا تي 1966ع کان بندش پيل آهي. اڄڪلهه ٽٻڪائڻ واريون دوائون گھڻو ڪري آرگئنو فاسفورس (Organo Phosphorus) ڪيميائي مرڪبن مان تيار ڪيون وڃن ٿيون.


هن صفحي کي شيئر ڪريو